ارنيسٽ ٽرمپ

ارنيسٽ ٽرمپ 12 مارچ 1828 تي جرمنيءَ جي شهر السفيلڊ ۾ ڄائو. هن جي والد جو نانءُ جارج ٿامس ٽرمپ هو. جيڪو واڍڪو ڪم به ڪندو هو. ٽرمپ جي والد هن جو نانءُ ساراني بدير رکيو هو. السفيلڊ هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي ۽ ميون جي ڪري مشهور آهي. ارنيسٽ ٽرمپ جنهن گهراڻي ۾ پليو نپيو سو هڪ سادگي پسند ۽ مذهبي خيالن جو گهراڻو هو. ٽرمپ سنڌي ٻولي جي وڏي خدمت ڪئي. پاڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو پڻ جرمني مان ڇپرايو. 5 اپريل 1885 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ارنيسٽ ٽرمپ
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ
پيدائش 12 مارچ 1828(1828-03-12)
ايليزفيلڊ, جرمني
وفات 5 اپريل 1885 (عمر 57 سال)
ميونخ
قوميت جرمن
مادر علمي اسٽيفن ڪاليج، ڏکڻ جرمني
پيشو پادري، لائبريرين ۽ ليکڪ
مشھور ڪم شاھ جو رسالو پھريون دفعو مرتب ڪري جرمني مان ڇپايو

تعليم

ارنيسٽ ٽرمپ- چئن سالن جي عمر ۾ پنهنجي وڏي -ڀاءُ- سان گڏ اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. سندس انهيءَ شوق کي ڏسندي سندس والد کيس ڀر واري هاءِ اسڪول ۾ -تعليم- لاءِ موڪليو، -جتي- هن لاطيني، يوناني ۽ ٻيون ٻوليون سکيون، 17 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ هن امتحان پاس ڪري ورتو. ٽرمپ جي مائٽن کيس -پادري- بنائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ هن کي ڏکڻ جرمنيءَ جي مشهور اداري اسٽيفن ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ويو، -جتي- هن نه فقط مذهبي علمن جو مطالعو ڪيو، پر مختلف ٻولين جو اڀياس پڻ -جاري- رکيو. ٽرمپ کي عبراني، عربي ۽ سنسڪرت ٻولين سان خاص دلچسپي هئي. جرمنيءَ کان پوءِ هي لنڊن پهتو، -جتي- هڪ پرائيويٽ اسڪول مان يوناني ۽ لاطيني ٻوليون پڙھيون

ڪيريئر ۽ خدمتون

لنڊن جي اسڪول ۾ يوناني ۽ لاطيني سکڻ کان پوءِ ايسٽ -انڊيا- هائوس ۾ اسسٽنٽ لائبررين طور ڪم ڪرڻ لڳو. هتي ئي چرچ مشنريءَ وارن سندس قابليت ڏسي، کيس هندستان وڃي اتان جي ٻولين جي گرامر ۽ لغتن تيار ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ۽ -برطانيا- سرڪار به هن جي اهڙن ڪتابن ڇپرائڻ جو واعدو ڪيو. 1854ع ۾ هو پهرين -بمبئي- پهتو، -جتي- اچي ”ائنڪلن چرچ“ جو -پادري- ٿيو ۽ اتي رهائش دوران فارسي زبان ۾ ايتري ته مهارت حاصل ڪيائين، جو -ان- ۾ -انگريزي- ”ڪامن پرائمر بڪ“ جو ترجمو ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي بنيادي پروگرام موجب ڪراچيءَ آيو. ڪراچيءَ جي آبهوا ابتدا ۾ هن تي خراب اثر ڪيو، جنهن ڪري ”چرچ مشن“ طرفان هن کي علاج جي خيال سان فلسطين موڪليو ويو، -جتي- هن عربي زبان جو اڀياس -جاري- رکيو. سنڌ ۾ هن سنڌي زبان جو ايترو ته اڀياس ڪري ورتو، جو 1866ع ۾ ”شاهه جو رسالو“ هٿ ڪري ۽ پاڻ هندستاني (اردو) طرز جي سنڌي ”الف بي“ جي لوهي ٽائيپ وجود ۾ آڻي، -ان- جي ذريعي لپسيا (ليپزگ) جي ”بروخوس ڪمپنيءَ“ جي مدد سان -ان- کي جرمنيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيائين. هي رسالو 1218 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام جا 26 سر ڏنل آهن. -ان- کان اڳ ۾ 1858ع هن هڪ ڪتاب “Sindhi Reading Book in the Sanskrit and Arabic Characters” نالي سان لنڊن جي واٽس پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن ۾ ”سورٺ راءِ ڏياچ“ جي قصي جا -بيت- درج ڪيا ويا. ڪجهه عرصي کان پوءِ هي صاحب ٻيڙيءَ تي چڙهي، سنڌونديءَ رستي 22 ڏينهن جي لاڳيتي مسافريءَ کان پوءِ لاهور پهتو ۽ اتان وري -پشاور- پهتو، -جتي- هن پشتو ۽ ڪافري ٻولين جو مطالعو ڪيو. هن ’براهوي زبان‘ جو به سٺو مطالعو ڪيو، -پشاور- ۾ رهندي وري طبيعت خراب ٿي پيس ۽ وطن موٽي ”اسٽگارٽ“ شهر ۾ وڃي رهيو، -جتي- به مشرقي ٻولين جو مطالعو -جاري- رهيس. 1864ع ۾ پفلنگن شهر ۾ -پادري- مقرر ٿيو ۽ 6 سالن اندر ڪيترا ڪتاب لکيائين. 1870ع ۾ برطانوي سرڪار هن کي سِکن جي مذهبي ڪتاب ”گرنٿ صاحب“ جي ترجمي جي آڇ ڪئي. 1872ع ۾ گرنٿ جو ترجمو مڪمل ڪيائين، جيڪو 1877ع ۾ ڇپيو، جنهن سان هن کي وڏي شهرت ملي. 1883ع ۾ ميونخ يونيورسٽيءَ ۾ سامي ٻولين جو پروفيسر مقرر ٿيو، -جتي- هن عربي گرامر ’مروحيه‘ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو . سنڌي ٻوليءَ جي -باري- ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جا رايا نهايت عالماڻا ۽ فاضلاڻا آهن. 19 هين صديءَ جي آخر ڌاري سندس قائم ڪيل اهي رايا اڄ به ڪنهن حد تائين درست تسليم ڪيا وڃن ٿا. البت سندس اهو رايو ته ”سنڌي -ٻولي- نج سنسڪرتي -ٻولي- آهي يا سنسڪرت ئي سنڌي ٻوليءَ جو سرچشمو آهي“، اڄ جي لسانيات جي ماهرن جي نظر ۾ رد ٿي چڪو آهي. ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکيو، جنهن ۾ هن سنڌيءَ جون ڪيتريون بناوٽون شاهه لطيف جي بيتن مان مثال ڏئي سمجهايون، ٽرمپ جي گرامر ۾ ڪيترائي اهڙا اشارا ملن ٿا، -جن- ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي جدا حيثيت ۽ نرالائيءَ کي پڻ نروار ڪيو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جو تقابلي گرامر به لکيو، ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص آوازن ”ٻ“، ”ڏ“، ”ڄ“ ۽ ”ڳ“ تي پڻ کوجنائون ڪيون، ۽ انهن آوازن جي ڀرپور -تشريح- ڪئي. ڊاڪٽر ٽرمپ ئي اهو ماڻهو هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ لاءِ 1853ع ۾ جوڙيل عربي سنڌي لپيءَ خلاف رايو ڏنو، ۽ چيو ته ”اها لپي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي جون سموريون ضرورتون پوريون نٿي ڪري“. -ان- کان سواءِ هن ڪاروبار لاءِ جوڙيل واڻڪي لپيءَ تي پڻ -تنقيد- ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي لهجن تي پڻ ڊاڪٽر ٽرمپ -تحقيق- ڪئي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مکيه لهجن اترادي، وچولي ۽ لاڙي وغيره تي لکيائين. ڊاڪٽر -ارنيسٽ ٽرمپ- جون سنڌي ٻوليءَ ۽ شاهه جي رسالي لاءِ ڪيل خدمتون يادگار آهن ۽ سنڌ واسين لاءِ فخر جو باعث آهن. هو سنڌي لسانيات ۽ لطيف شناسيءَ واري ميدان ۾ سدائين زندهه رهندو.[1] ڊاڪٽر ارنيسٽ 1848 ع واري جرمنيءَ جي آزاديءَ جي تحريڪ (Liberal Movement) ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جيل به ڀوڳڻو پيس جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ برطانيه آيو، جتي کيس ”انڊيا آفيس“ ۾ ملازمت ملي ويئي. اتان هيءُ ”چرچ مشن سوسائٽي“ جي سنگ ۾ آيو ۽ آخرڪار پادري بڻجي اچي بمبئيءَ پهتو. هن ”چرچ مشن سوسائٽي“ طرفان سنڌ، فلسطين، پشاور ۽ ڪافرستان ۾ ڪم ڪيو. هي صاحب ڪجهه وقت لاءِ ”ٽيومنگن يونيورسٽي“ ۾ مشرقي زبانن جو ريڊر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي .ڊاڪٽر ٽرمپ جرمنيءَ کان سواءِ انگريزي، فرانسسي، لاطيني، حبشي، سنڌي، عربي پارسي، پنجابي، پشتو، سنسڪرت ۽ بروهي ٻولين تي به دسترس رکندو ھو.ڊاڪٽر ارنيسٽ صاحب جو سنڌين ۽ بلوچن کي شڪر گذار ٿيڻ گهرجي. هن صاحب نه رڳو سنڌي گرامر سنڌين لاءِ تيار ڪيو، پر بلوچن ۽ بروهين تي به احسان ڪيو. سندس بروهڪي زبان جو گرامر سنه 1880ع ۾ ميونچ مان شايع ٿيو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ صاحب جي مٿين گرامر شايع ٿيڻ کانپوءِ ٻئي هڪڙي جرمن محقق ڊاڪٽر ڊيوڪا ٿيوڊور جو مضمون رائل ايشياٽڪ سوسائٽي لنڊن ۾ بروهڪي گرامر متعلق سنه 1887ع ۾ شايع ٿيو[2].

گھرو زندگي

فلسطين ۾ رهندي، هن جي هڪ -انگريز- خاتون سان ملاقات ٿي، جنهن سان 1856ع ۾ شادي ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ پٽ به ڄائو. هي صاحب 1856ع ۾ وري ڪراچيءَ آيو، -جتي- هن جي گهرواري بيمار ٿي پئي ۽ آخر گذاري وئي. سال کن بعد وري جرمنيءَ ويو، اتي ٻي شادي ڪري وري سنڌ ۾ موٽي آيو ۽ -ٿورو- وقت اچي سنڌ ۾ رهيو.جرمن گهرواريءَ مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيس.

وفات

مسلسل مطالعي ۽ لکپڙهه سبب سندس -اکيون- موڪلائي ويون، جنهن تي هن کي سخت صدمو پهتو. سندس زندگيءَ جا آخري ڏينهن ذهني مريضن جي اسپتال ۾ گذريا. 5 -اپريل- 1885ع تي هيءُ عظيم اسڪالر، 57 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.

حوالا

  1. ارنيسٽ ٽرمپ : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. عزيز الله ”عزيز“ بروهي جو مضمون: بروهڪي زبان جا گرامر؛ رسالي جو نالو ؛ مهراڻ 1982ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 31 نمبر 1.2- 1982ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
This article is issued from Wikipedia. The text is licensed under Creative Commons - Attribution - Sharealike. Additional terms may apply for the media files.